پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ??ه ڪي پي ڪي جي اٽڪل سڀني ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي ??هي. سوات ۽ـ باجوڙ جي ڪجهه ٻوڏ سٽيل علائقن ک??نس??اءِ ڪي پي ڪي جي سڀني ضلعن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي ??هي ??نهن ۾ پيسڪو ۽ ٽيسڪو عملدار ۽ فيلڊ اسٽاف تعريف جا حقدار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثر گرڊ اسٽيشنز، فيڊرز، ٽر??نس??يشن لائنن ۽ ٿنڀن سميت بجلي جي بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان ک??نس??اءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪمن جي حوالي سان پيسڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن پيسڪو ۽ ٽيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ??ه مٿاهين سوات ۽ باجوڊ جي باقي رهيل ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جلد کان جلد بجلي بحال ڪئي وڃي. هن چيو ته 9 بند گرڊ اسٽيشنن مان 6 گرڊ اسٽيشنن تي بجلي بحال ڪئي وئي ??هي، اهڙيءَ طرح صوبي ۾ 126 متاثر ٿيندڙ فيڊرز مان 121 فيڊرز کي بحال ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور پهتل وفاقي وزير چيو ته تباهه ٿيل بجلي جي ٿنڀن ۽ ٽر??نس??يشنن لائنن کي ترجيحي بنيادن تي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو . هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 10 ارب رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي ??ه جيئن متاثر آباديءَ کي رليف فراهم ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي بجلي جي بلن ۾ رليف جي فراهميءَ لاءِ قومي پاليسي بڻائي ويندي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ک??نس??اءِ سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ??هي. هن چيو ته بجلي جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ ريڪوري وڌائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي.
متعلقہ مضامین
-
‘Cyber crime bill to prevent online harassment, cyber stalking, blackmailing’
-
People protest faulty generator at NSRC
-
Treason case registered against MQM chief
-
Pakistan Navy ready to give befitting response to enemy
-
Police foil child marriage in Chiniot
-
لکی ڈریگن آفیشل انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کی خصوصیات اور فوائد
-
جوکرز وائلڈ آفیشل اینٹی کی حیرت انگیز دنیا
-
این ایس الیکٹرانکس آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی خصوصیات اور خدمات
-
ہیل ہاٹ انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا نیا دور
-
لکی ڈریگن ایپ ڈاؤنلوڈ لنک اور مکمل معلومات
-
TP کارڈ گیم ایپ اور آفیشل ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
Mahjong Road ایک دلچسپ آن لائن گیم پلیٹ فارم