اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهريلوصارفين کي گئس سپلاءِ ۾ گهٽتائي جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آهي ته سرديءَ جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، سسٽم جي ساخت ۾ سڌارا آندا وڃن ته جيئن ان مسئلي کي مستقل طور تي حل ڪري سگهجي. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گئس جي سپلاءِ جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم گهريلو صارفين کي گئس جي سپلاءِ ۾ گهٽتائي جي شڪايتن تي نوٽيس وٺندي يچو ته سرديءَ جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي فوري طور تي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم سسٽم جي ساخت ۾ سڌارا آڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ان مسئلي کي مستقل طور تي حل ڪري سگهجي، گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم کي ان موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سسٽم ۾ سرپ??س آر ايل اين جي موجود آهي جنهن جي ڪري گئس لوڊ مئنيجمينٽ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتري آئي آهي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال گئس لوڊ شيڊنگ جو وقت گهٽ آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گهريلو صارفين کي صبح 5 وڳي کان رات 10 وڳي تائين گئس فراهم ڪئي پئي وڃي، پاور سيڪٽر کي پڻ گئس ڊيمانڊ موجب ڏني پئي وڃي، صارفين جي شڪايتن جي حوالي سان ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي جا آن لائين ڊيش بورڊز ڪم ڪري رهيا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايس اين جي پي ايل جي شڪايتن کي حل ڪرڻ جي شرح 93 سيڪڙو جڏهن ته ايس ايس جي سي جي شرح 79 سيڪڙو آهي، ملڪ جون سموريون گئس فيلڊز فعال آهن. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
‘Cyber crime bill to prevent online harassment, cyber stalking, blackmailing’
-
People protest faulty generator at NSRC
-
Treason case registered against MQM chief
-
Pakistan Navy ready to give befitting response to enemy
-
Police foil child marriage in Chiniot
-
لکی ڈریگن آفیشل انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کی خصوصیات اور فوائد
-
جوکرز وائلڈ آفیشل اینٹی کی حیرت انگیز دنیا
-
این ایس الیکٹرانکس آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کی خصوصیات اور خدمات
-
ہیل ہاٹ انٹیگریٹی انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا نیا دور
-
لکی ڈریگن ایپ ڈاؤنلوڈ لنک اور مکمل معلومات
-
TP کارڈ گیم ایپ اور آفیشل ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
Mahjong Road ایک دلچسپ آن لائن گیم پلیٹ فارم